فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جو ناڪ آئوٽ مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد سڀاڻي کان ڪوارٽر فائنل مرحلو شروع ٿي رهيو آهي

footbal

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جو ناڪ آئوٽ مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد سڀاڻي کان ڪوارٽر فائنل مرحلو شروع ٿي رهيو آهي،جنهن جي پهرين ميچ پولينڊ ۽ پورچوگال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ 2016 جو ناڪ آئوٽ مرحلو پورو ٿيڻ بعد سڀاڻي کان ڪوارٽر فائنل مرحلو شروع ٿي رهيو آهي.

پهرين ڪوارٽر فائنل پولينڊ۽ پورچوگال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

ايونٽ جي ٻين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ويلز ۽ بليجيم جي ٽيمون پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

ٻه جولاءِ تي جرمني ۽ اٽلي جون ٽيمن هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون،جڏهن ته ميزبان فرانس جي ٽيم آئيس لينڊ جي ٽيم سان 3 جولاءِ تي مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*