انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پڄاڻي تي پهچي وئي

pakistan

انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پڄاڻي تي پهچي وئي،جنهن بعد قومي ٽيم سمر سٽ جي ٽيم خلاف رٿيل چئن  ڏينهن واري پريڪٽس ميچ کيڏندي.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن سائوٿمپٽن ۾ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

قومي  ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ جي پڄاڻي بعد اڄ ٽيم ٽائونٽِين رواني ٿيندي،جتي سمر سٽ  ڪائونٽي خلاف چئن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ ۾شرڪت ڪندي.

پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ خلاف چئن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 جولاِءِ تي لارڊز جي ميدان تي کيڏندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تيارين مصروف آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻيئن ٽيسٽ ميچز 22 جولاءِ تي  مانچسٽر ۾ رٿيل آهي.

سيريز جي ٽيئن ٽيسٽ ميچز 3 آگسٽ تي برمنگهم کيڏي ويندي،جڏهن ته سيريز جي چوٿين ۽آخري ٽيسٽ ميچز 11 آگسٽ تي اوول ۾ رٿيل آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*