ٽائيگر شروف ۽ ڊيشا پٽاني جو نئون ويڊيو گانو “بيفڪرا” رليز

tiger-shroff-

بالي ووڊ اسٽار ٽائيگر شروف ۽ ڊيشا پٽاني جو نئون گانو “بيفڪرا” رليز ٿي ويو آهي، ممبئي ۾ گانو رليز ڪرڻ واري تقريب ۾ نه رڳو ٽائيگر ۽ ڊيشا پر پروڊيوسر ڀوشن ڪمار ۽ نغما نگار ڪمار به موجود هئا…ان موقعي تي ٽائيگر شروف ڳالهائيندي مڃي ورتو ته هو ڊيشا سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو پر بعد ۾ کلي نٽائي ويو ته هو ڊيشا سان دوستن جيان پيار ڪري ٿو….ڊيشا جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ ٽائيگر دوست آهن، انڪري گاني جي شوٽنگ دوران ڪو مسئلو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته سندن هم آهنگي آهي، “بيفڪرا”  گانو مــِيت بــِروز ۽ اديتي سنگهه شرما ڳايو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*