ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان

rain-in-karachi

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان چوماسي جي برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن جي شروعات ۾ جيتوڻيڪ آسمان صاف آهي، تنهن هوندي به موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته برسات جو سلسلو جاري رهندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل رات ايئرپورٽ واري علائقي ۾ 43، ناظم آباد ۾ 32، گلستان جوهر ۾ 24، گلشن حديد ۾ 17، صدر ۾ 15 ۽ لانڍي واري علائقي ۾ 12ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ٿاڻو بولا خان، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، کپرو، ڪڍڻ، ڪوٽ غلام محمد، سامارو، ماتلي، ڪوٽ غلام محمد، ڏهون ميل، ڪوٽ ميرس ۽ ناري جي اڇڙي ٿر ۾ به برسات ٿي.

نوابشاهه، دوڙ ۽ سڪرنڊ سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.

ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، هالا، ڀٽ شاهه، نيو سعيد آباد، کڏڙو، پنگريو، نصرپور، جهنڊو مري، ٽنڊو باگو ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات پئي.

سوراهه، قادن واري، سڪندر آباد ۽ چونڊڪو سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو.

پنوعاقل ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوا بعد تيز برسات پئي، فيض گنج تعلقي جي پڪاچانگ، اڪري، ڪوٽ لالو، ڀنگو بهڻ ۽ ڪرونڊي سميت مختلف علائقن ۾ به تيز برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*