ڪوٽڏيجي ۾ روينيو عملدارن رينجرز ساڻ ڪري شهر ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪندي ڪترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا

kot diji map

ڪوٽڏيجي ۾ روينيو عملدارن رينجرز ساڻ ڪري شهر ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪندي ڪترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، آپريشن خلاف واپارين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني طور قائم ڪيل حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه دڪانن جا ڇپرا به ڊاهي ريڙها ۽ ڪيبنون  به هٽايو ويون.

حد دخليون هٽائڻ خلاف واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري مک چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ضلعي انتظاميه اوچتو آپريشن ڪري ڪيترن ئي سالن کان قائم دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري کين لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

واپارين مطالبو ڪيو ته سندن نقصان جو ازالو ڪري آپريشن فوري طور بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ  هو شهر ۾ غير قانوني طور قائم ڪيل حد دخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو اڏاوتون ختم ٿيڻ تائين جار ي رکيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*