خطي جي حڪومتن کي گڏجي بدامني خلاف قدم کڻڻا پوندا:مارڪ ٽونر

mark--tounar

امريڪي پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر دهشتگردي کي سڄي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته خطي جي حڪومتن کي گڏجي بدامني خلاف قدم کڻڻا پوندا.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ امريڪي پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر چيو ته دهشتگردي نه رڳو پاڪستان، ترڪي يا ۽ امريڪا پر سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي.

هن چيو ته ڀارت کي گهرجي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪري.

مارڪ ٽونر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خطي جي سمورن ملڪن کي گڏجي قدم کڻڻ گهرجن جيئن هميشه لاءِ ان ڪينسر مان جان ڇڏائي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*