امريڪي ريپبليڪن پارٽي جو وفد جولاءِ جي پهرين هفتي دوران پاڪستان جو دورو ڪري سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو

pak vs usa

امريڪي ريپبليڪن پارٽي جو وفد جولاءِ جي پهرين هفتي دوران پاڪستان جو دورو ڪري سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب سينيٽر جان مڪين جي اڳواڻي ۾ امريڪي وفد جولاءِ پهرين هفتي ۾ پاڪستان پهچندو، جنهن ۾ ريپبليڪن هائوس جا ميمبر رڪ ڊيوس، سينيٽر لينسي گراهم ۽ سينيٽر جودان لِي شامل هوندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته امريڪي وفد پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت ٻين سان ملاقاتون ڪندو، جنهن کانپوءِ افغانستان جو دورو به ڪندو.

ذريعن چيو ته وفد جي دوري جو مقصد امريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ خطي جي پاليسي معاملن جو جائزو وٺڻ آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*