ڪوئيٽا جي احتساب بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سهيل مجيد ۽ طارق علي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Mushtaq-rais-21516

ڪوئيٽا جي احتساب بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي ٻن فرنٽ مينس سهيل مجيد ۽ طارق علي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت اسسٽنٽ اڪائونٽس نديم جي جيل منتقلي وري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي فرنٽ مينس ٺيڪيدار سهيل مجيد ۽ اڳوڻي ايڪسيئن قلات طارق مجيد جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کين ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته ٻنهي جوابدارن کان جاچ جاري آهي، ٻنهي جوابدارن جي نشاندهي تي رقم به هٿ ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت، نيب جي استدعا منظور ڪندي ٻنهي جوابدارن جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت، ساڳي ئي ڪيس ۾ گرفتار اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ نديم جي جيل منتقلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*