موسميات کاتي اڄ به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

raining15

موسميات کاتي اڄ به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جو سلسلو ماٺو ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي.

موسميات کاتي موجب قلات، مڪران، ڪوئيٽا، زوب، پنجاب جي راولپنڊي، گجرانوالا، لاهور، بهاولپور، ڊيرا غازي خان، ڪي پي جَي مالاڪنڊ،  پشاور، هزاره، ڊيرا اسماعيل خان ۽ مردان ڊويزن ۾ اڄ به گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، فاٽا ۽ ڪشمير ۾ به ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات جو سلسلو ماٺو ٿي ويو آهي، چيف ميٽرول لاجسٽ سنڌ عبدالرشيد جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

چيف ميٽرو لاجسٽ موجب اڄ ٿر پارڪر، بدين ۽ ميرپور خاص وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*