سـُپريم ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اربين رپين جا اشتهار جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ نيب جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر

sharjeel memon

سـُپريم ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اربين رپين جا اشتهار جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ نيب جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڊي جي نيب ڪراچي کي 13 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب صحيح نموني سان جاچ نه پئي ڪري، ڇونه معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي؟.

جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جـِي ٽي رڪني بينچ سنڌ جي اڳوڻي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اشتهارن جي مـُد ۾ اربين رپيا جاري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت نيب جي ناقص انويسٽيگيشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته نيب وارنٽس ڪڏهن جاري ڪندي آهي، اهڙو اختيار ڪنهن وٽ آهي.؟

نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته وارنٽس جاري ڪرڻ جو اختيار نيب چيئرمين وٽ آهي.

جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏنا ته رڳو اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو ويو پر گرفتاري وارنٽس ڇو نه جاري ٿيا.؟

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته عدالتن جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائي وڃي، نيب هن ڪيس ۾ سنجيده نظر نٿو اچي ۽ لڳي رهيو آهي ته نيب پاڻ ئي ڪا کـِچـِڙي پچائي آهي.

 جسٽس عظمت، نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته عدالتون ان ڪم لاءِ ناهن جو سودا نيب ڪري ۽ ان تي ٺپا وري عدالتون لڳائين.

جسٽس دوست محمد کوسا سوال ڪيو ته ڇا شرجيل ميمڻ جي گرفتاري لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان اجاز ورتي وئي آهي، نيب کي اي سي ايل ۾ دلچسپي آهي پر گرفتاري ۾ دلچسپي نظر نٿي اچي.

جسٽس طارق محمود ريمارڪس ڏنا ته نيب ڪيس جي جاچ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي، ڇو نه معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي.

عدالت، ڊي جي نيب ڪراچي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي عيد کانپوءِ ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*