ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ايف آءِ اي عدالتي حڪمن باوجود پراسيڪيوٽر مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

dr-imran-farooq04-9

ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ايف آءِ اي عدالتي حڪمن باوجود پراسيڪيوٽر مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، وفاقي جاچ اداري جي عملدارن اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته پراسيڪيوٽر جي مقرري جو اڄ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم باوجود ايف آءِ اي پاران پراسڪيوٽر مقرر نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت وفاقي جاچ اداري جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ اي هن ڪيس جو پراسڪيوٽر مقرر ڪيو آهي؟.

ايف آءِ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته اڄ پراسيڪيوٽر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

ٻڌڻي دوران جوابدار محسن علي جي وڪيل دليل ڏنا ته ضد ۽ ذاتي دشمني جو قتل دهشتگردي جي زمري ۾ نٿو اچي، قتل ۾ هٿيار اسعتمال نه ٿيو ۽ نه ئي ماڻهن ۾ عدم محفوظ جو احساس پيدا ٿيو.

عدالت، ايف آءِ اي کي پراسيڪوٽر مقرر ڪرڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*