ايندڙ عام چونڊن ۾ بهتري لاءِ اليڪشن ڪمشنر کي تجويزن ڏنيون ويون آهن، سياسي پارٽين جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن: عارف علوي

DR-Arif-Alvi-won-PTI-Elections-2013

چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ بهتري لاءِ اليڪشن ڪمشنر کي تجويزن ڏنيون ويون آهن، سياسي پارٽين جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر، جسٽس رٽائرڊ سردار رضا سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات دوران سمنڊ پارپاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري معاملن تي ٿيل اڳڀرائين بابت آگاهه ڪيو.

هن چيو ته عام چونڊن لاءِ 3 لک اليڪٽرانڪ مشينون خريد ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن جلد 400 اليڪٽرانڪ مشينون حاصل ڪندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*