ڪراچي جي احتساب عدالت 4 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار محمد اعظم بروهي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

nab-logo-08

ڪراچي جي احتساب عدالت 4 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار سرڪاري ملازمن جي هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين محمد اعظم بروهي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، اعظم بروهي کي نيب ضمانت رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي احاطي مان گرفتار  ڪيو هو.

نيب سينٽرل انفرميٽوِ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين محمد اعظم بروهي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار مٿان 4 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي، کانئس وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، جنهن ڪري جسماني ريمانڊ تي ڏنو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست رد ڪندي جوابدار کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

نيب گذريل ڏينهن سينٽرل انفرميٽوِ ڪو آپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين محمد اعظم بروهي کي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*