ٽنڊو الهيار ۾ چوماسي جي برسات دوران انتظاميه جي نااهلي سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

tando-allahyar

ٽنڊو الهيار ۾ چوماسي جي برسات دوران انتظاميه جي نااهلي سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،  جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

برسات کانپوءِ ٽنڊو الهيار شهر جي بس اسٽاپ، چمبڙ ناڪو، بڪيرا روڊ، حيدرآباد روڊ، سول اسپتال، نصرپور روڊ، ٽنڊو سومرو روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.

شهرين جو چوڻ  آهي ته انتظاميه جي بااهلي سبب شهر تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه وروتو آهي.

شهرين مطالبو ڪيو ته ميونسپل انتظاميه جي نااهل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*