ميهڙ ۽ گمبٽ ۾ آبادگارن پاران واهه تي قبضن، کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

gambat-ptotest

ميهڙ ۽ گمبٽ ۾ آبادگارن پاران واهه تي قبضن، کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

ميهڙ ۾ ڪونڊي شاخ جي آبادگارن يعقوب کوسو ۽ عمر تيوڻو جي اڳواڻي ۾ واهه تي قبضن ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف گهنٽا گهر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي جي ڪري واهه تي قبضا برقرار آهن، جنهن سبب کاٽي نه ٿيڻ ڪري پچڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه پيو ملي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪونڊي شاخ تان غير قانوني قبضا ختم ڪرائي، پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.

گمبٽ ۾ ٺٽي مائنر جي شاخ کي دڪا هڻي بند ڪرڻ تي آبادگارن آبپاشي عملدارن خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي آبادگارن حافظ محمد سليمان، شير محمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن 3 ڏينهن کان شاخ کي دڪا هڻي ڇڏيا آهن، جنهن سبب پچڙي تائين پاڻي نه ٿو پهچي.

آبادگارن آبپاشي کاتي جي اعليٰ عمدارن کان مطالبو ڪيو ته شاخ کي لڳل دڪا هٽائي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*