پاڪستان ممبئي حملن جي جاچ کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت کان وڌيڪ ثبوت گهري ورتا آهن: نفيس ذڪريا

Nafees-Zakriya-30416

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان ممبئي حملن جي جاچ کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت کان وڌيڪ ثبوت گهري ورتا آهن.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان ممبئي حملن جي جاچ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت کان ثبوت گهريا، پر اڃا تائين ڪو جواب نه ملي سگهيو آهي.

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي بيان تي نفيس ذڪريا تبصرو ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام کي پنهنجي هٿياربند فوجي تي فخر آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جمهوريت جي حامي آهي.

هن چيو ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائير گروپ جي ميمبرز شپ لاءِ اهليت رکي ٿو، جڏهن ته اين ايس جي جي مميبرز شپ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ڳالهائيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته بلوچستان مان گرفتار “را” ايجنٽ کان گهڻ رخي جاچ جاري آهي ۽ جاچ جي روشني ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

نفيس ذڪريا چيو ته افغان مهاجرن جي پاڪستان ۾ ترسڻ واري مدي ۾ 30 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ 30 لک پناهگير موجود آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ آهن.

پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته امريڪي سينيٽر جان ميڪ ڪين جلد پاڪستان جو دروو ڪندو، پاڪ آمريڪا ڇڪتاڻ جو سبب ايف 16 جهازن جي خريداري قرار نه ڏنو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*