سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود ڪراچي جي مختلف علائقن مان سائن بورڊ ناهي هٽايا ويا

Karachi-Court---Sing-Board

سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود ڪراچي جي مختلف علائقن مان سائن بورڊ ناهي هٽايا ويا، ڪالاپل ويجهو سائن بورڊ گهر مٿان ڪري پيو پر خوشقسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

سپريم ڪورٽ، چوماسي جي برساتن سبب 30 جون تائين ڪراچي مان سائن بورڊز ۽ بل بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت پاران ڏنل مدو اڄ پورو ٿي رهيو  آهي.

سپريم ڪورٽ جي سائن بورڊ هٽائڻ واري حڪم باوجود اڃا تائين وڏي انگ ۾ سائن بورڊ ۽ بل بورڊ موجود آهن.

شهر ۾ تيز هوا سان گڏ هوا کانپوءِ ڪالاپل ويجهو سائن بورڊ گهر مٿان ڪري پيو، پر ڪنهن به خوشقسمتي سان گهرڀاتي محفوظ ٿيا.

مڪاني ادارن واري وزير ۽ ڪمشنر ڪراچي پاران دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته 90 سيڪڙو بورڊ هٽايا ويا آهن پر ڪينٽونمينٽ بورڊ جي علائقن ۾ سائن بورڊ موجود آهن، جن کي هٽائڻ لاءِ قدم ناهن کنيا ويا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*