ڪراچي جي سعدي گارڊن واري علائقي ۾ برساتي نالي ۾ چاڙهه کانپوءِ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا

karachi-seeudi-gard

ڪراچي جي سعدي گارڊن واري علائقي ۾ برساتي نالي ۾ چاڙهه کانپوءِ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪوششون جاري آهن، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو صوبي ۾ صورتحال بهتر نه هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو سبب برساتي نالن تي غيرقانوني قبضا آهن.

سعدي گارڊن واري علائقي ۾ برساتي نالي ۾ چاڙهه سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب علائقي واسين ۾ خوف هراس پکڙيل آهي.

سعدي ٽائون وارو علائقو پاڻي هيٺ اچڻ کانپوءِ ڪجهه ڳوٺن جي رهواسين کي محفوظ هنڌ منتقل ٿيڻ جي صلاح ڏني آهي، جڏهن ته پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سعدي ٽائون نالي جي صفائي جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

برساتي پاڻي کي سعدي ٽائون مان ڪراس ڪرائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي فوٽ پاٿ ٽوڙيون ويون آهن.

صوبائي وزير ڄام خان شورو صوبي ۾ ڊرينيج ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال ۾ بهتري نه آڻڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ پاڻي جي لنگهن تي غيرقانوني قبضا ڪري غيرقانوني اسڪيمون جوڙيون ويون.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو وڏو سبب نالن تي قبضا آهن. رڳو گجر نالي تي 30 هزار خاندان قبضو ڪري ويٺل آهن، جن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.

ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سعدي ٽائون مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان هو ذاتي طور نگراني ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*