سپريم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ ي ۽ ڊائريڪٽر ايئرپورٽ کي نوٽيس جاري

ayan ali

سپريم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ ي ۽ ڊائريڪٽر ايئرپورٽ کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اعجاز جي بيواه جي درخواست تي پراسڪيوٽر پنجاب کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سپر ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏنا ته گهرو وزارت 15 جون تي ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪيو ۽ 15 جون تي ٻيهر شامل ڪري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي.

لطيف کوسا دليل ۾ چيو ته رياستي اختياريون مسلسل عدليه کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوششون ڪري رهيون.

حڪومتي وڪيل چيو ته ماڊل ايان علي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي جوڳي ناهي، توهين عدالت جي ڪارروائي جو عدالت کي اختيار آهي.

عدالت رماڪس ۾ چيو ته توهين عدالت ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ساڳئي بينچ ايف آءِ جي جاچ آفيسر اعجاز جي بيواهه جي درخواست تي پراسڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪيو.

عدالت ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*