سکر ۾ معصوم ٻارڙن ۽ ٻاراڻي ادب سان واڳيل اديبن ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ٿيل فضيلا سرڪي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

sukkur-fazila-protest

سکر ۾ معصوم ٻارڙن ۽ ٻاراڻي ادب سان واڳيل اديبن ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ٿيل فضيلا سرڪي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٻالڪ ادبي فورم طرفان پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾ ٻارڙن سميت ٻاراڻو ادب لکندڙ اديبن گوهر سنڌي، استاد راهي، عبدالحئي ڀٽو، آزاد بخاري، غلام نبي غازي ۽ بي خود بلوچ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙا امن ۽ سونهن جي علامت آهن، جن جو اغوا انتهائي افسوسناڪ آهي.

هنن چيو ته ڳڙهي حسن سرڪي مان فضيلا سرڪي جي اغوا واري واقعي کي 7 سال گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين پتو لڳائي نه سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي سندس وارثن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*