بدين ۾ گهر اندر ڌماڪي بعد پوليس چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

badin-device

بدين ۾ گهر اندر ڌماڪي بعد پوليس چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گهر مان ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ڊوائيس به هٿ ڪئي وئي آهي.

قائد آباد محلي ۾ گهر اندر روزدار ڌماڪي کانپوءِ اطلاع تي پوليس پهچي گهر مان چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ڌماڪي بعد هڪ بارودي مواد لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊوائيس هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گهر مان چئن ڄڻن  کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان ڌماڪيدار بارودي مواد بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*