ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا

karachirangras28-8

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

رينجرز ترجمان موجب چاڪيواڙه، گلستان جوهر ۽ ملير وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

رينجرز ترجمان ملير مان سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته بلديا مان هڪ شخص کي گرفتار ڪري ان وٽان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*