وزير اعظم نواز شريف لنڊن مان ڏيهه واپسي دوران آجياڻي لاءِ رٿيل تقريبون ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

nawaz-londan

وزير اعظم نواز شريف لنڊن مان ڏيهه واپسي دوران آجياڻي لاءِ رٿيل تقريبون ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پي ايم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف اوپن هارٽ سرجري کانپوءِ جلد ڏيهه واپس ايندو.

ترجمان موجب، وزير اعظم نوازشريف اڳواڻن ۽ همدردن کي هدايت ڪئي ته سندس ڏيهه واپسي دوران آجياڻي واريون تقريبون منعقد نه ڪيون وڃن.

وزير اعظم صحتيابي لاءِ دعا ڪرڻ تي قوم جا ٿورا مڃيندي چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان ايڪي جو اظهار ڪيو وڃي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم نواز شريف 10جولاءِ تي ڏيهه واپس ورندو ۽ ان حوالي سان سندس آجياڻي لاءِ تقريبون رٿيون ويون هيون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*