ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ناليواري فنڪار نديم جعفري کان اڄ صبح ٿيل ڦر جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو

nadeem jafri

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ناليواري فنڪار نديم جعفري کان اڄ صبح ٿيل ڦر جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پوليس موجب گلشن اقبال بلاڪ 3  ۾اڄ صبح موٽر سائيڪل سوار هٿيابندن راڳي نديم جعفري کان سندس گهر ٻاهران موبائل فون ۽ روڪ ڦر ڪئي، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايس پي گلشن اقبال جو چوڻ آهي ته نديم جعفري تي ڪابه فائرنگ ٿي آهي ۽ هٿيار بند کائنس رڳو موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*