وڏي وزير قائم علي شاهه سان چيني سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪري ڪراچي سرڪلر ريلوي، سنڌو درياهه ۽ روڊس جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر

qaim-ali-shah

وڏي وزير قائم علي شاهه سان چيني سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪري ڪراچي سرڪلر ريلوي، سنڌو درياهه ۽ روڊس جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وڏي وزير چيو آهي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي پل تعمير ڪئي ويندي، جيڪا پنجاب ۽ بلوچستان لاءِ اهم ثابت ٿيندي.

چيني سيڙپڪارن جي هڪ وفد ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس پهچي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب چيني وفد ڪراچي سرڪلر ريلوي، سنڌو درياهه ۽ مختلف روڊس جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار گهوٽـڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي پل تعمير ڪندي، جيڪا پنجاب ۽ بلوچستان لاءِ به اهم ثابت ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*