حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن جي بند ٿيل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي

hyderabad

حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن جي بند ٿيل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، رهواسين پاران ٿڌي سڙڪ ۽ پاڪستان چوڪ تي ڌار ڌار  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا .

بجلي جي فراهمي بند هئڻ خلاف مختلف علائقن جي رهواسين پاڪستان چوڪ تي ڌرڻو هڻي حيسڪو انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

ٿڌي سڙڪ وٽ به رهواسين بجلي جي بندش خلاف ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته برسات کانپوءِ حيسڪو انتظاميه جي نااهلي سبب شهر جي ڪچي قلعي، جي آر ڪالوني، وحدت ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن جي بند پيل بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.

هنن چيو ته سخت گرمي ۾بجلي جي بندش سبب هو عذاب ڀوڳي رهيا آهن، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود حيسڪو اختياريون اگهور ننڍ ستل آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بند پيل بجلي فوري طور بحال ڪري رهواسين کي عذاب کان بچايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*