سنڌ سرڪار پاران تجويزون نه موڪلڻ ۽ بجيٽ جو مطالبو نه ڪرڻ باوجود وفاقي حڪومت ورڪر ويلفيئر فنڊس ۾ سنڌ لاءِ 3 ارب ۽ 42 ڪروڙ رپين جي منظوري

sindh-worker

سنڌ سرڪار پاران تجويزون نه موڪلڻ ۽ بجيٽ جو مطالبو نه ڪرڻ باوجود وفاقي حڪومت ورڪر ويلفيئر  فنڊس ۾ سنڌ لاءِ 3 ارب ۽ 42 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني آهي.

سيڪريٽري ويلفئير بورڊ جو چوڻ آهي ته سنڌ ورڪر بورڊز جي قيام لاءِ وفاقي کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو ۽ 18 ترميم کانپوءِ سنڌ سرڪار سنڌ ورڪر ويلفيئر بورڊ قائم ڪري چڪي آهي.

سيڪريٽري ويلفيئر بورڊ موجب اسلام آباد ۾ ورڪرس ويلفيئر فنڊز بابت گورننگ باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران 2016 ۽ 2017ع لاءِ  25 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.

بجيٽ ۾ پنجاب لاءِ 10 ارب، خيبرپختونوا لاءِ 5 ارب، سنڌ لاءِ 3 ارب 42 ڪروڙ، بلوچستان لاءِ هڪ ارب ۽ وفاقي لاءِ ساڍن 5 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.

ورڪرس ويلفيئر فنڊس جي اجلاس ۾ سنڌ لاءِرقم جي منظوري کانپوءِ سنڌ جي پوهئي واري کاتي سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جو اجلاس 15 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*