ڪراچي جي عدالت اي ٽي ايم جي ڊيٽا چوري ڪندڙ چيني شهري زِي اَي کي 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

city-court-karachi

ڪراچي جي عدالت اي ٽي ايم جي ڊيٽا چوري ڪندڙ چيني شهري زِي اَي کي 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ايف آءِ اي موجب جوابدار اي ٽي ايم مشينن مان ڊيٽا چوري ڪندڙ عالمي گروهه جو ميمبر آهي، جنهن کي ڊيٽا چوري ڪرڻ لاءِ اوزار لڳائيندي گرفتار ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي چيني شهري زِي اَي کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کيس 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ايف آءِ اي موجب گرفتار جوابدار جو تعلق اي ٽي ايم جِي ڊيٽا چورائيندڙ عالمي ٽولي سان آهي، کيس ڊيٽا چوري ڪرڻ لاءِ نصب ڪيل اوزار لاهڻ لاءِ ايندي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اي ٽي ايم پراسڪمنگ ڊيوائسز نصب ڪندڙ زائي زِي نالي ٻيو جوابدار فرار آهي، جوابدار اي ٽي ايم ميموري ڪارڊ مان چوري ٿيندڙ ڊيٽا پرڏيهي ملڪن ۾ منتقل ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*