بلاول ڀٽو زرداري پاران امجد صابري انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ جوڙيل 3رڪني ڪميٽي امجد صابري جي وارثن سان ملاقات

bilawal-bhutho

بلاول ڀٽو زرداري پاران امجد صابري انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ  جوڙيل  3رڪني ڪميٽي امجد صابري جي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي، صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته امجد صابري جو قتل وڏو نقصان آهي ان جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

نثار کهڙي ، قيوم سومري ۽ شرميلا فاروقي امجد صابري جي وارثن ملاقات ڪري امجد صابري انسٽيٽيوٽ جي قيام بابت ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي نثار کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تمام جلد امجد صابري انسٽيٽوٽ جو   پيڙهه پٿر رکندو  ۽سنڌ حڪومت فنڪارن کي تحفظ فراهم ٿيندي.

نثار کهڙي چيو ته دهشتگردن سان جنگ جاري آهي ۽ اهي مختلف ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

تعليم واري وزير چيو ته  امجد صابري جو قتل وڏو نقصان آهي ان جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*