تحريڪ انصاف نيب جا اختيار محدود ڪرڻ وارو بل قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪري ڇڏيو

islamabadnationalassemblyi0

تحريڪ انصاف نيب جا اختيار محدود ڪرڻ وارو بل قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪري ڇڏيو  آ هي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد مخالفت ڪندي چيو آهي ته نيب جي قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ تيار آهيون پر احتساب بيورو جي قانون کي ٽڪرن ۾ نه ورهائڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محمود بشير  ورڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر عارف علوي نيب آرڊيننس 1999 جي شق، 6، 25، 26، 31 بي ۽ 33 ڊي ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن جي قانون واري وزارت مخالفت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر عارف علوي تجويز ڏني ته صوبائي ميمبرز  وانگر نيب چيئرمين جي مقرري به پارليامني ڪميٽي ذريعي ڪئي وڃي.

پ پ جي نويد قمر چيو ته قومي احتساب بيورو کي صوبائي سطح تي ڪاررواين جي اجازت نه هئڻ گهرجي.

ڪميٽي ميمبر رضا حيات نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ  ڪرپشن اينٽي ڪرپشن ادارن ۾ آهي.

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد مخالفت ڪندي چيو ته نيب جي قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ تيار آهيون پر احتساب بيورو جي قانون کي ٽڪرن ۾ نه ورهائڻ گهرجي.

ڪميٽي چيئرمين نيب جي قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ 5 رڪني ذيلي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر کي ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو.

ڪميٽي ۾ عارف علوي، رضا حيات هراج، مولانا شيراني ۽ اقبال قادري شامل آهن، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر کي 60 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*