ڪراچي جي ملير ڪينٽ ويجهو راشدي ڳوٺ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

malir

ڪراچي جي ملير ڪينٽ ويجهو  راشدي ڳوٺ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد راشدي ڳوٺ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ راشد ۽ الهه بچايو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻن ڌرين ۾ جهيڙي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*