سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي 4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي 4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ڪاروباري شخصيت جي فرنٽ مين جي مداخلت بابت جسٽس امير هاني مسلم جي نوٽ کي پٽيشن ۾ تبديل ڪندي وضاحت گهري آهي ته اويس شاهه جي اغوا بعد ايس ايس پي ڏکڻ ڊاڪٽر فاروق کي معطل ڪرڻ بعد بحال ڪيئن ڪيو ويو؟

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ظهير احمد جمالي سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت بدامني ڪيس جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.

چيف جسٽس هڪ ڪاروباري شخص جي فرنٽ مين جي پوليس ۾ مداخلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اويس شاهه جي اغوا بعد ايس ايس پي فاروق احمد کي معطل ڪرڻ بعد بحال ڪيئن ڪيو ويو؟

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جسٽس امير هاني مسلم جي نوٽ کي پٽيشن ۾ تبديل ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي 4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*