فرانس ۾ جاري 2016 يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي پهرين ڪوارٽر فائنل اڄ پولينڊ ۽پورچوگال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

Euro-footbal

فرانس ۾ جاري 2016 يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي پهرين ڪوارٽر فائنل اڄ پولينڊ ۽پورچوگال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

فرانس جي شهر مارسيلي ۾ اڄ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميگا ايونٽ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ٿي رهي آهي.

پولينڊ جي ٽيم گروپ سيِ ۾ ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي،جڏهن ته پورچوگال جي ٽيم ناڪ آئوٽ مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڪروشيا جي ٽيم خلاف شوٽ آئوٽ تي ڪماميابي حاصل ڪري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي 10 ميچز ٿي چڪيون آهن، جن مان پورچوگال جي ٽيم چار ميچز ۾ فتح حاصل ڪئي،جڏهن ته پولينڊ جي ٽيم ٽن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٽي ميچز ڊرا ٿيون.

ٻنهي ٽيمن ميگا ايونٽ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ فٽبال ماهر ٻنهي ٽيمن کي فيوريٽ قرار ڏئي رهياآهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*