انگلينڊ خلاف رٿيل ٽِيسٽ سيريز ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي: انتخاب عالم

antkhab-alam-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر انتخاب عالم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ٽِيسٽ سيريز ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي ۽ کيس خوشِي آهي ته ٽيم جي ڪنهن به رانديگر سان فٽنس جو ڪوبه مسئلو آهي.

پاڪستان جي ٽيم پهرين پريڪٽس ميچ سمر سٽ ڪائونٽي خلاف ايندڙ مهيني جي 3 جولاءِ کان پنج جولاءِ کيڏندي ،جڏهن ته ٽيسٽ سيريز کان پهرين ٻي پريڪٽس ميچ سسيڪس ڪائونٽي خلاف 8 جولاءِ کان 10 جولاءِ تي رٿيل آهي.

چئن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کان پهرين قومي ٽيم سائوٿمپٽن ۾ 10 ڏينهن واري ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور تياري ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي انتخاب عالم چيو ته سائوٿمپٽن ۾ منعقد ٿيل ڪيمپ جو مقصد ڪنڊيشنز سان ايڊجسٽ ٿيڻ هو.

هن چيوته اهم ٽِيسٽ سيريز کان پهرين کيس ان ڳالهه جي خوشِي آهي ته سمورا رانديگر  مڪمل فٽ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*