اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي اهم ڪردار ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ جي ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ جا امڪان روش ٿي ويا

salman-Butt21-8

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي اهم ڪردار ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ جي ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ جا امڪان روش ٿي ويا آهن.

پاڪستان سپر ليگ جي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪرڻ تي سلمان بٽ جو نالو پاڪستان سپر ليگ جي ڊرافٽنگ ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان روشن آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ محمد آصف جي شرڪت مشڪل آهي،ڇاڪاڻ جو پاپندي بعد محمد آصف ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪيو آهي.

واضح رهي ته سلمان بٽ اسپاٽ فڪسنگ ۾ پنج سالن جي پاپندي ختم ٿيڻ بعد قومي ون ڊي ٽورنامنٽ جي ست ميچز 107 ڏهائي ٻڙي ٻه جي ايوريج سان 536رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ هڪ سنچري ۽چار ففٽيون شامل آهن.

محمد آصف ساڳئي ٽورنامنٽ جي ست ميچز ۾ 27 جي ايوريج سان صرف ست وڪيٽون حاصل ڪيون، ٻنهي ڪرڪيٽرز قومي ون ڊي ٽورنامنٽ ۾ واپڊا جي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*