افغانستان: آپگهاتي حملن ۾ 40 پوليس ڪيڊٽ ۽ شهري مارجي ويا

afgan

افغانستان ۾ پوليس جي قافلي تي ٻن آپگهاتي حملن ۾ 40 ڪيڊٽس ۽ شهري مارجي ويا، خميس ڏينهن ڪابل  کان ٻاهران پيغمان ضلعي ۾ پوليس جي ڪيڊٽس جي بسن کي نشانو بڻائيندي ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، حملن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا، جن مان اڪثريت پوليس جي ڪيڊٽس جي ٻڌائي پئي وڃي پر ڪجهه شهري به مارجي ويلن ۾ شامل آهن. پيغمان ضلعي جي گورنر حاجي محمد موسيٰ خان جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*