ڪويت ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ 9 پاڪستاني شهري سڙي فوت ٿي ويا

kuwiat-pakistani-died

ڪويت ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ 9 پاڪستاني شهري سڙي فوت ٿي ويا، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوتي شهرين جا مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ پاڪستاني سفير سان به رابطي ۾ آهيون.

ڪويت جي شهر فراوانيا جي علائقي ۾ واقع هڪ گهر اندر صبح سوير اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر اندر موجود 6 ڄڻا موقعي تي سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن دم ڏئي ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ باهه وسائڻ ۾ مصروف 2 فائر فائيٽر به زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا شامل آهن، جن جو تعلق پاڪستان جي علائقي ميان چنو سان آهي، فوتين ۾ 2 ڀائر آصف ۽ طارق، سندن امڙ ۽ ٻارڙا شامل آهي، جن جو ڪويت ۾ اليڪٽرانڪ جو ڪاروبار هو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته ڪويت ۾ سڙي فوت ٿيلن جو واسطو پنجاب جي علائقي ميان چنو سان آهي ۽ سڙي فوت ٿيلن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب متاثر خاندان 15 سالن کان ڪويت جي شهر فراوانيا ۾ رهندو هو، پاڪستاني سفير غلام دستگير سان ان حوالي سان رابطي ۾ آهيون ۽ فوت ٿي ويلن جا مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*