برسات کانپوءِ ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن سميت ڀرپاسي جي 150 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بند پيل بجلي بحال نه ٿي سگهي

mirpurkhas

برسات کانپوءِ ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن سميت ڀرپاسي جي 150 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بند پيل بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي،  جنهن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ميرپور خاص شهر جي ڀانسگ آباد، سيٽلائيٽ ٽائون، غريب آباد، وال ڪرٽ، ستار نگر سميت ڪيترن ئي علائقن جي بجلي گذريل ٻن ڏينهن کان بند پيل آهي.

ڳوٺ ٻيلهاڙو، کنڀڙي، ليمون لغاري، درگاهه غازي شاهه، ڪمال خان ڪپري، باغا والي، ماهي خاصخيلي، چئونرو ڀرڳڙي، جلهوري، وڏل شاهه، چار واٽر، يوسف علي شاهه، سيد قربان علي شاهه، الطاف شاهه، غلام محمد لغاري، چوڌري غلام محمد آرائين، ڳوٺ ولي محمد جسڪاڻي، ڳوٺ عبدالله بنگلاڻي،  حاجي صغير، ڳوٺ مير خان چانگ سميت 150 کان وڌيڪ ڳوٺن  جي به بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته حيسڪو اختيارين جي نااهلي سبب شهر جي مختلف علائقن سميت سوين ڳوٺن جي بجلي بند  پيل آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*