وڏي وزير قائم علي شاهه اين پي آءِ ڊبليو جي 1349 ڪانٽريڪٽي ملازمن مان هڪ کان پندرهين گريڊ جي 633 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

qaim-ali-shah

وڏي وزير قائم علي شاهه اين پي آءِ ڊبليو جي 1349 ڪانٽريڪٽي ملازمن  مان هڪ کان پندرهين گريڊ جي 633 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، اين پي آءِ ڊبليو جا ملازم 2005  ۾ ڀرتي ٿيا هئا ۽ اهي  مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي سالن کان احتجاج ڪري رهيا هئا.

ذريعن موجب وڏي وزير اين پي آءِ ڊبليو جي 633 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري سمري صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

سنڌ حڪومت 2005۾  اين پي آءِ ڊبليو  جا 1349 ملازم ڀرتي ڪيا هئا، جن پهرين کان 15 گريڊ جي 633ملازمن پڪو ڪيو آهي، جڏهن ته 16، 17 ۽ 18گريڊ جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي.

اين پي آءِ ڊبليو جا ملازم ڪيترن ئي سالن کان پڪو ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا.

سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل  ضمير گهمري جو چوڻ آهي ته اين پي آءِ ڊبليو جي ملازمن کي پڪو ڪري شروعات ڪئي وئي آهي، جلد ٻين کاتن جي ملازمن کي به پڪو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*