مري ۾ شادي کان انڪار ڪرڻ تي ماسترياڻي ماريه کي جيئرو ساڙڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو

maria teacher

مري ۾ شادي کان انڪار ڪرڻ تي ماسترياڻي ماريه کي جيئرو ساڙڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، پوليس جاچ رپورٽ ۾ واقعي کي آپگهات قرار ڏيندي رپورٽ وڏي وزير شهباز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ مري جي هڪ اسڪول ۾ مبينا طور شادي کان انڪار ڪرڻ تي ماريا نالي ماسترياڻي کي جيئرو ساڙيو ويو هو.

پوليس جاچ رپورٽ پڌري ڪندي ڄاڻايو آهي ته فارنزڪ ٽيسٽ کانپوءِ ناري ماريا جي آپگهات ڪرڻ بابت شاهديون مليون آهن.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ماريا هارون نالي شخص سان رشتو ٽٽڻ تان مايوس ٿي زندگي جو انت آندو.

پوليس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ماسٽر شوڪت، رفعت محمود ۽ ميان ارشد کي بيڏوهي قرار ڏئي معاملو لئه مٽي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدارن ناري ماريا کي باهه ڏئي جيئرو ساڙي ڇڏيو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*