ڪوئيٽا جِي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ سليمل شاهه جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

khalid-lango

ڪوئيٽا جِي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ سليمل شاهه جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر سليم شاهه کي پيش ڪيو  ويو.

نيب پراسيڪوٽر عدالت کي ٻڌايو ته خالد لانگو هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪيمن مان ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي، جڏهن ته سندس 7 اڪائونٽس جو به انڪشاف ٿيو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي انڪشافن کانپوءِ خالد لانگو کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان جاچ دوران اهم ثبوت مليا آهن، تنهنڪري سندس رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

خالد لانگو جي وڪيل دليل ڏنا ته سندس اصيل قومي احتساب بيورو سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي، پر مٿس مڙهيل الزام بي بنياد آهن.

احتساب عدالت، ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ سليم شاهه کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته مشتاق رئيساڻي کي ڪروڙين رپين سوڌو گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي انڪشافن کانپوءِ خالد لانگو سميت اهم گرفتاريون ڪيون ويون هيون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*