سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جي شريڪ جوابدارن زوهير صديقي ۽ شعيب وارثي جي 20-20 لک رپين عيوض ضمانت منظوري ڪري ورتي

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جي شريڪ جوابدارن سئي گئس جي اڳوڻي ايم ڊي زوهير صديقي ۽ شعيب وارثي جي 20-20 لک رپين عيوض ضمانت منظوري ڪري ورتي، عدالت جَي جَي وِي ايل سربراهه اقبال زيڊ احمد کي به پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي 50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سئي گئس جي اڳوڻي ايم ڊي زوهير صديقي ۽ ڊي ايم ڊي شعيب وارثي جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت زوهير صديقي ۽ شعيب وارثي جي ضمانت منظور ڪندي کين 20-20 لک رپين جا مچلڪا ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ڪيس ۾ نامزد جي جي وي ايل سربراهه اقبال زيڊ احمد جي پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت اقبال زيڊ احمد کي 50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کيس 22 جولاءِ تائين دبئي ۽ چائنا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

اقبال زيڊ احمد پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ايل اين جي ٽرمينل جي تياريءَ جي سلسلي ۾ کيس دبئي ۽ چين وڃڻو آهي، جنهن ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*