ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪي اِي ايس سي جَي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه ۽ ٽن ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪي اِي ايس سي جَي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه ۽ ٽن ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، گرفتار جوابدار منهاج قاضي کي ڪيس جا نقل ڏنا ويا، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سياسي جماعت جي گرفتار جوابدار منهاج قاضي کي پيش ڪيو ويو.

ڪيس جي جاچ آفيسر سرور ڪمانڊو عدالت کي آگاهي ڏني ته ايم ڪيو ايم سربراهه، نديم نصرت، اطهر ۽ سهيل زيدي مفرور آهن، جڏهن ته هڪ جوابدار راشد اختر عرف شيخ جي ملڻ جو امڪان ئي نه آهي.

عدالت متحده سربراهه سميت ڪيس جي مفرور جوابدارن نديم نصرت، اطهر ۽ سهيل زيدي ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

گرفتار جوابدار منهاج قاضي کي ڪيس جا نقل ڏنا ويا، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*