ڪراچي جي طاهر پلازه سانحي ڪيس ۾ سياسي جماعت جي گرفتار جوابدار عرفان سعيد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج 8 ڏينهن لاءِ رسالا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

tahir-plaza

ڪراچي جي طاهر پلازه سانحي ڪيس ۾ سياسي جماعت جي گرفتار جوابدار عرفان سعيد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج 8 ڏينهن لاءِ رسالا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ پڻ رهي چڪو آهي، 2008ع دوران طاهر پلازه ۾ وڪيل سميت 5 ماڻهن کي زنده ساڙيو ويو هو.

طاهر پلازه سانحي جي جوابدار عمران سعيد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن کي عدالت ٻيهر 8 ڏينهن لاءِ رسالا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جوابدار عمران سعيد نوي ڏينهن لاءِ رينجرز جي حراست ۾ پڻ رهي چڪو آهي، جنهن کي جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي گارڊن پوليس حوالي ڪيو ويو هو.

2008ع دوران طاهر پلازه کي باهه ڏئي هڪ وڪيل سميت 5 ڄڻن کي جيئرو ساڙيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*