سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ۽ ڪورنگي روڊ سميت مختلف رستن تي بل بورڊز نه هٽايا ويا

karachi-board

سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ۽ ڪورنگي روڊ سميت مختلف رستن تي بل بورڊز نه هٽايا ويا.

سپريم ڪورٽ ڪراچي جي رستن، عمارتن ۽ ٻين هنڌن تي لڳايل بل بورڊز ۽ هورڊنگز هٽائڻ لاءِ 30 جون تائين مهلت ڏني هئي، جيڪا گذريل ڏينهن ختم ٿي وئي پر اڃا به شهر جي اڪثر علائقن ۾ سائن بورڊ ۽ بل بورڊ موجود آهن.

  انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي مصروف رستن تي موجود بل بورڊز برساتن جي صورت ۾ انساني جانين لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري ۽ ڪمشنر ڪراچي 90 سيڪڙو بورڊ لاهڻ جون دعوائون ڪيون آهن پر اڃا به 30 کان 40 سيڪڙو بل بورڊز ۽ هورڊنگز موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*