پي ٽِي آءِ سربراهه عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ الزام هنيو آهي ته لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ پوليس کيس روڪي ڌمڪيون ڏنيون

Aleema-Khan-660x330

پي ٽِي آءِ سربراهه عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ  الزام هنيو آهي ته لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ پوليس کيس روڪي ڌمڪيون ڏنيون، پوليس جي هڪ گاڏيءَ کيس روڪيو ۽ ٻِي گاڏيءَ سامهون کان ٽڪر هنيو، پوليس مريم نواز جي سڪيورٽي تي مقرر هئي، جنهن گاڏيءَ مان کيس ڏٺو.

ذريعن موجب لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ ٻارن سان گڏ وڃي رهي هئي ته پوليس اهلڪارن کيس روڪي ڌمڪيون ڏنيون.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عظميٰ چيو ته پوليس جي هڪ گاڏي کيس روڪيو ۽ ٻي گاڏي سامهون ٽڪر هنيو، جڏهن هــُوءَ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪتي به اهلڪارن بدتميزي ڪئي.

ڊاڪٽرعظميٰ الزام هنيو ته پوليس مريم نواز جي پروٽوڪول ۾ هئي، جنهن کيس ڏٺو به هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*