ميرپورخاص ۾ زال کي باهه ڏئي ساڙي زخمي ڪندڙ جوابدار کي پوليس ڀاءُ سميت گرفتار ڪري ورتو

mirpur-khas-nari

ميرپورخاص ۾ زال کي باهه ڏئي ساڙي زخمي ڪندڙ جوابدار کي پوليس ڀاءُ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ۽ زخمي ٿيل ناري جو حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نور شاهه ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن زال شيزا راجپوت کي گهرو اڻبڻت تان گاسليٽ هاري ساڙي زخمي ڪندڙ جوابدار همايون ڪمالي ۽ سندس ڀاءُ  بابر همايون کي پوليس گرفتار  ڪري ورتو آهي.

سڙي زخمي ٿيل ناري شيزا راجپوت جو  حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ڊاڪٽرز موجب باهه لڳڻ سبب ناري جو 70 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي.

زخمي ناري شيزا جو چوڻ هو سندس مڙس همايون ڪمالي، ڏير بابر ڪمالي ۽ نڻان پروين گهرو اڻبڻت تان هن جي مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني آهي، جڏهن ته ناري جي ماءُ ڪشور جو چوڻ هو ته هن جي ڌيءَ تي ساهرا تشدد ڪندا رهندا هئا.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ميرپورخا ص .کان معامل جي  رپورٽ طلب ڪري ورتي آهيي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*