لاهور جي عدالت ۾ پسند جي پرڻي ڪيس ۾ جوڙي جي پيشيءَ دوران وارثن پاران ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش

lahore-woman

لاهور جي عدالت ۾ پسند جي پرڻي ڪيس ۾ جوڙي جي پيشيءَ دوران وارثن پاران ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس موقعي تي پهچي ناري کي سندس مڙس حوالي ڪري ڇڏيو.

لاهور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ثمينا ۽ سندس مڙس وقاص کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جوڙي جي پيشيءَ دوران ناري جا مائٽ به عدالت ۾ موجود هئا، جن ناري کي زبردستي کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان نوجوان ۽ ناري جي وارثن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا.

پوليس وچ ۾ پئي ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، جنهن بعد ناري عدالت ۾ مڙس وقاص جي حق ۾ بيان ڏنو.

عدالت، بيان بعد ناري کي سندس مڙس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کي به هدايت ڪئي ته نوجوان وقاص خلاف قائم ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*