صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن: خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، خورشيد شاهه چيو آهي ته ٽي صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن، واپڊا چيئرمين سرڪاري ملازم آهي، کيس تڪراري رٿا تي مضمون نه لکڻ گهرجي.

واپڊا چيئرمين جي آرٽيڪل تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مئل گهوڙي کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته واپڊا چيئرمين اهڙي قسم جا بيان ڏئي فيڊريشن لاءِ نوان چيلينجز پيدا ڪري رهيو آهي، کيس تڪراري مضمون لکڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجن.

خورشيد شاهه چيو ته ٽن صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، پر سرڪاري ملازم تڪراري رٿا جي حمايت ۾ مضمون لکي قانون جا بکيا اڊيڙي رهيا آهن.

اپوزيشن ليڊر چيو ته واپڊا چيئرمين معاملي کي سمجهڻ بعد پنهنجي مهارت ڏيکاري، سرڪاري آفيسر کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪالاباغ ڊيم سندس مينڊيٽ کان مٿانهون آهي.

هن وڌيڪ چيو ته واپڊا چيئرمين جا تڪراري بيان فيڊريشن جي روح خلاف آهن، جڏهن ته حڪومت کي سرڪاري آفيسرن کي استعمال ڪري نوان چئلينجز پئدا نه ڪرڻ گهرجن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*