پاڪستان تحريڪ انصاف پشتون ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

Mahmood-Achakzai-11-11

پاڪستان تحريڪ انصاف پشتون ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته محمود اچڪزئي جو بيان ملڪ سان غداري ڪرڻ برابر آهي.

تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ اسلم اقبال پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ  جي متن ۾ چيو ويو آهي ته محمود اچڪزئي پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواه جي زمين کي افغانستان جي سرزمين قرار ڏئي ملڪ سان غداري ڪئي آهي.

ٺهراءُ موجب، محمود اچڪزئي سياست پاڪستان ۾ ۽ زبان افغانين جي ڳالهائي رهيو آهي، اهڙي بيان سان ڪي پي جي عوام جي دل آزاري ٿي.

ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته محمود خان اچڪزئي جي مٽن مائٽن کان سرڪاري عهدا ۽ مراعتون واپس ورتيون وڃن.

واضح رهي ته محمود اچڪزئي پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواه جي زمين کي افغانستان جي سرزمين قرار ڏنو هو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*